ديوان احمد

ديوان احمد

ديوان احمد

ديوان احمد (ڪتاب): سنڌ جي مشهور عوامي شاعر مولانا حاجي احمد ملاح جي غزلن جو هي ’ديوان احمد‘، پهريون ڀيرو 1974ع ۾، مولوي عبدالله جوڻيجي بدين واري ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جنهن جي تقريظ ۾ مولانا غلام محمد گراميءَ لکيو هو: ”مولانا حاجي احمد ملاح، هڪ بلند پايي جي شاعر جي حيثيت سان عظيم مقام حاصل ڪري چڪو آهي . . . مولانا احمد ملاح جو ڪلام سلاست ۽ بلاغت جو هڪ حسين پيڪر آهي، جنهن ۾ وڏ ڦڙي مينهن وانگر، نادر خيالات جي اوت آهي. لاڙ جي سرزمين وانگر اهڙي باڪمال شاعر جي فن تي فخر ڪري سگهي ٿي. هي ديوان سنڌي ادب ۾ هڪ زنده جاويد اضافو آهي.“ ڪتاب جو ديباچو، (ڊاڪٽر) عبدالجبار جوڻيجي لکيو هو، جيڪو ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو. ان کان سواءِ مولانا حاجي احمد ملاح جي سوانح عمري پڻ جوڻيجي صاحب لکي هئي، جڏهن ته ديوان احمد جا ٻه اکر مولوي عبدالله جوڻيجي جا لکيل آهن. ديوان احمد ۾ رديف وار الف کان ي تائين 423 غزل شامل آهن.
ديوان احمد جو ٻيو ڇاپو، 521 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز ۾ عبدالغفور نيوز پيپر ايجنسي، بدين، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


لفظ ديوان احمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو